ساران صديقي ڊاڪٽر

ساران صديقي، ڊاڪٽر: سنڌ جي پهرين خاتون ڊاڪٽر ساران ڌيءَ عبدالقادر صديقي 1906ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. جيئن ته سندس والد هڪ استاد ۽ روشن خيال ذهن جو مالڪ هو، ان ڪري هن پنهنجي نياڻيءَ جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو.
ساران صديقيءَ ابتدائي تعليم اباڻي شهر شڪارپور ۾ ورتي، جنهن کانپوءِ ڪندن مل گرلس اسڪول حيدرآباد مان 1926ع ڌاري مئٽرڪ ڪيائين. هوءَ اهو عرصو حيدرآباد جي گرلس هاسٽل ۾ رهي تعليم حاصل ڪندي رهي، ان دؤر ۾ ڪندن مل گرلس اسڪول جي پنج سؤ شاگردياڻين مان هيءَ واحد مسلمان شاگردياڻي هئي. ان کانپوءِ ساران صديقيءَ جي ليڊي هارڊن ميڊيڪل ڪاليج، دهليءَ ۾ داخلا ٿي وئي، جتان هن 1934ع ۾ ايم. بي. بي. ايس جي سنَد حاصل ڪئي. ايم. بي. بي. ايس پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه سال دهلي، ڪلڪتي، جبلپور ۽ هندستان جي ٻين ڪيترن شهرن ۾ ڊاڪٽرياڻيءَ طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ان دؤران 1939ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ لڳڻ ڪري هوءَ ڪراچي آئي ۽ ڊاڪٽرياڻيءَ جي حيثيت ۾ اچي ڪم ڪرڻ لڳي. ڊاڪٽر ساران صديقي، 1946ع ۾ لنڊن وئي، جتان اي. آر. سي. او ۽ ايف. آر. سي. او جا ڪورس ڪيا. هن سمورا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيا.
ڊاڪٽر ساران صديقيءَ کي پاڪستان سرڪار 1955ع ۾ پاڪستان جي نمائندي طور ڪئناڊا ۾ ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ موڪليو هو. هن ڪيترو عرصو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ هڪ سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ ذميواريون نڀايون، جتان 1970ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. ڊاڪٽر ساران صديقي، پنهنجي ملازمت واري مدي دؤران هر سال امتحان وٺڻ لاءِ ايڪسٽرنل اگزئمنر جي حيثيت ۾ حيدرآباد، لاهور ۽ ڍاڪا جي ڪاليجن ۾ ويندي هئي. هوءَ ميڊيڪل ڪاليجن کي منظور ڪرڻ واري ڪائونسل جي ميمبر به رهي. هن پاڪستان ۾ طب ۽ ميڊيڪل سائنس جي موضوع تي منعقد ٿيل ڪانفرنسن کان سواءِ ڪيترين پرڏيهي ڪانفرنسن ۾ به شرڪت ڪئي.
ڊاڪٽر ساران صديقي پهرين سنڌي عورت هئي، جيڪا ڊاڪٽريءَ جي پيشي ۾ وڏن عهدن تي فائز رهي ۽ وڏي شهرت حاصل ڪيائين. هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به پنهنجي ڊاڪٽريءَ واري ڪرت کي جاري رکيو، بندر روڊ ڪراچيءَ تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي عمارت ويجهو سندس خانگي اسپتال هوندي هئي. هن جي نظر ۾ ڊاڪٽري، پيشو نه، پر عبادت هو، غريب مريضن سان هڏ ڏوکي ۽ همدرديءَ واري رويي سان پيش ايندي هئي. پيشي سان لڳاءَ جي ڪري شادي ڪونه ڪيائين. ڊاڪٽر ساران صديقيءَ کي نه شهرت پسند هئي ۽ نه پاڻ پڏائڻ وڻندو هو. سندس پهريون انٽرويو ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ ’سوجهري‘ رسالي ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ ماڻهن کي خبر پئي ته هوءَ سنڌ جي پهرين مسلمان ڊاڪٽرياڻي آهي.
ڊاڪٽر ساران صديقي، 10 نومبر 1982ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.11.10  عيسوي

سنڌ جي پهرين خاتون ڊاڪٽر ساران ڌيءَ عبدالقادر صديقي 1906ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو.ڊاڪٽر ساران صديقي، 10 نومبر 1982ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سبزل خان
عقيلي اين ايم
جتي ستي جمال شاهه
ٿڌاڻي انيل
سلطانه صديقي
قاضي قمرالدين
پاٽولي استاد عاشق حسين
آسو
بيرم خان
شيخ موسيٰ سيوستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون